سنڌ اپڪار

سنڌ اپڪار (رسالو): هيءُ ماهوار سنڌي رسالو 1913ع کان شڪارپور مان پڌرو ٿيو، جنهن جو ايڊيٽر ڀائي موهنداس گهنشامداس ڀاٽيه هو، جو سرڪاري ملازمت تان استعيفا ڏئي صحافتي ميدان ۾ آيو. رسالي جي پاليسي سرڪار جي حمايت ڪرڻ هئي. هيءُ رسالو البرٽ پريس سکر مان شايع ٿي پڌرو ٿيندو هو. رسالي جي قيمت هڪ روپيو هئي. سنڌ اپڪار 1924ع تائين مسلسل نڪرندو رهيو. هن رسالي جي سرڪيوليشن ٽي سئو ڪاپين تائين پهتل هئي.


لفظ سنڌ اپڪارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو